آمريڪي پرڏيهي وزير پاران جي جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي(م.ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري اڱاري ڏينهن جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي جو دورو ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال، دهشتگردي ۽ افغانس تان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم سليم باجوه طرفان ڪيل ٽوئيٽ مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير دوري دوران پاڪ فوج جي شهيدن جي يادگار تي گل پڻ چاڙهيا ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق جان ڪيري جو جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *