آمريڪي وفد جي آرمي چيف سان ملاقات، افغان صورتحال تي ويچار

راولپنڊي (م.ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي وفد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ آپريشن ضرب عضب ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي ساراهيو آهي آءِ ايس پي آر مطابق اربع تي هتي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان آمريڪي ڪانگريس جي وفد سينيٽ آرمڊ سروس ڪميٽي جي ريڪنگ ميمبر سينيٽر جيڪ ريڊ جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جا معاملا ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون آمريڪي وفد جي سربراهه ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته دهستگردي خلاف پاڪستان جو ڪردار نهايت واکاڻ جوڳو آهي هن آپريشن ضرب عضب دوران پاڪستان جو سيڪ يورٽي فورسز جي ڪاميابين کي ساراهيو ذريعن مطابق آمريڪي پرڏيهي وزارت پاڪستان جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي افغانستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته آمريڪا افغان تعاون وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي حمايت ڪندو ترجمان جين ساڪي چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ تعاون جي آجيان ڪيون ٿا آرمي چيف جي دوري سان آفغانستان ۽ پاڪستان جا ٻطرفو لاڳاپا بهتر ۽ تعاون وڌڻ جي ڪوششن ۾ اضافو ٿيندو جنهن جي اسان حمايت ڪنداسين هن چيو ته پاڪ افغان تعاون وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *