آمريڪي ميڊيا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ ذميوار ڀارتي وزيراعظم کي قرار ڏيئي ڇڏيو

نيويارڪ (اين اين آءِ) آمريڪي ميڊيا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جو ذميوار ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي قرار ڏنو آهي ۽ ان تي زور ڀريو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ روڪڻ تي عالمي برادري کي فوري توجهه ڏيڻ گهرجي آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ انڪشاف ڪيو ته نيوڪليئر

سپلائيزر گروپ ۾ شموليت لاءِ پاڪستان کي ڪجهه شرطون پيش ڪيون ويون آهن ۽ ان کي چيو ويو ته هو ننڍن ايٽمي هٿيارن جي تياري فوري طور تي روڪي ڇڏي ايٽمي ڌماڪو نه ڪرڻ جي ٺاهه تي صهيحون ڪري ۽ ڊگهي مدي ميزائيلن جي تياري به روڪي ڇڏي اخبار لکي ٿي ته اٽڪل 120 وار هيڊز جي موجودگي ۾ پاڪستان آمريڪا ۽ روس کان پوءِ ايٽمي هٿيارن وارو وڏو ملڪ ٿي سگهي ٿو جنهن سان چين فرانس ۽ برطانيا پوئتي هليا ويندا هي صورتحال عالمي برادري لاءِ ڳڻتي جوڳي هئڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان جا هي اختيار نه صرف ڀارت کي نشانو بڻائي سگهن ٿا پر پاڪستان وٽ ڊگهي فاصلي جا نيو ڪليئر ميزائيل به موجود آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ انتهاپسند گروپ موجود آهن جن کي ڀارت مخالف سيڪيورٽي حلقن جي مبينه طور تي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۾ خطرا وڌيڪ وڌي وڃن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *