آمريڪي مداخلت، آئي ايم ايف پاڪستان کان نئين کان اڳ پراڻي قرضن جا تفصيل گهري ورتا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جو چوڻ آهي ته پاڪستان نئين قرض کان اڳ پراڻن قرضن جا تفصيلن کي ڏسڻو پوندو. آءِ ايف ايف طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته قرض پروگرام تي پاڪستان سان ڳالهيون جاري آهن، نئين قرض کان اڳ پراڻن قرضن جي تفصيلن کي ڏسڻو پوندو جڏهن ته پاڪستان جي قرضن جي واپسي جي صلاحيتن جو جائزو ورتو ويندو. آءِ ايم ايف چيو آهي ته آمريڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيو آهي ته آءِ ايم ايف جو قرض چيني قرض لاهڻ لاءِ استعمال نه ٿئي. آءِ ايم ايف پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قرضن جي ادائيگين جو جائزو ورتو ويندو، قرضن جي شفافيت ضروري آهي ۽ پاڪستان کي قرض ڏيڻ جو حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جو ايگزيڪٽو بورڊ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *