آمريڪي قيادت تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان امداد نه واپار چاهي ٿو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا ماضي جي ڀيٽ ۾ مستقبل ۾ بهترين رهندا، آمريڪا جو دورو پنهنجي نوعيت جو ڪامياب دورو هو جنهن ۾ ڪشمير مسئلو اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي آهي، خميس تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي امريڪا جي دوري بابت ڄاڻ ڏني وئي، ڄاڻ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جو امريڪا جو دورو ۽ آمريڪي صدر سان ٿيل ملاقات ڪامياب رهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي امريڪا ۾ مان مليو ۽ آمريڪي قيادت تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان امداد نه واپار چاهي ٿو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري تي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ڪابينا ميمبرن ڪامياب آمريڪي دوري تي وزيراعظم کي مبارڪ ڏني، اجلاس ۾ ن ليگ ۽ پ پ جي دورن ۾ مملڪتي سربراهن جي ٻاهرين دورن ۽ علاج تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته قومي ايئر لائين جي جهازن کي ذاتي طور استعمال ڪرڻ جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي، وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني، ڪابينا پاسپورٽ مان پيشي جو خانو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ قرضن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جي ميمبر ۽ سيڪريٽري کي هٽائڻ جي به منطوري ڏني وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاري لاءِ ايئرپورٽس کي بهتر بڻائينداسين، وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته آمريڪي صدر سان ڪامياب گڏجاڻي ٿي، ذريعن موجب اڳوڻن حڪمرانن ۽ ان جي خاندان جي ٻاهرين دورن تي آيل خرچن بابت بريفنگ ڏني وئي، ۽ گذريل 10 سالن دوران پي آءِ اي جهاز استعمال ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ريگيوليٽري اٿارٽي جو انتظامي ڪنٽرول ڪابينا ڊويزن جي ماتحت ڪرڻ ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي چيئرمين جي ايڊيشنل چارج جي توسيع تي غور ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا قرضن تي جاچ ڪميشن جي سيڪريٽري جي تبديلي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرز جي چيئرمين جي مقرري لاءِ ريڪورٽمينٽ رولز ۾ تبديلي جي مظوري ڏني، وفاقي ڪابينا 17 جولاءِ تي ٿيندڙ اي سي سي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني ۽ مواصلات وزير پاران پاڪستان پوسٽ جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *