آمريڪي صدر پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي والاريل رياست ۾ عوام کي عيد جي نماز ادا ۽ قرباني ڪرڻ نه ڏني ويئي وادي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀ ڄاڻن ٿا ڪيستائين اهڙو ماحول رهندو ڪيستائين هي حڪم رهندو دنيا به ڀارتي بچاءُ وري وزير جي غير ذميواراڻي بيان کي ڏسي رهي آهي اسان جي سوچ آر ايس ايس واري نه اهي اسان پنهنجي اقليتن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا ڪشمير جي مسئلي تي سڀ گڏ آهيون هي تنقيد جو وقت نه آهي ڪشمير جي معاملي جي حساسيت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي ٽياڪڙي لاءِ آمريڪي صدر جا ٿورائتا آهيون ڊونلڊ ٽرمپ والاريل وادي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي پرڏيهي وزير خطي جي صورتحال ۾دلچسپي وٺڻ تي آمريڪي صدر جا ٿورا به مڃيا گذريل ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ ۽ عمران خان وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت هن چيو ته عمران خان ٽرمپ کي چيو ته ڀارت جي جارحاڻي پاليسي جاريآهي وزيراعظم ٽرمپ کي چيو ته اوهان صحيح آيو ته انساني هقن جي ٽيمن کي والاريل ڪشمير موڪليو وڃي ڀارتي بچاءُ واري وزير راجناٿ سنگهه جي بيان کي غير ذميواراڻُ قرار ڏيندي هن چيو ته ڀارت جي عوام کي سخت ڳڻتي آهي ته سرڪار اسان کي ڪيڏنهن ڌڪي رهي آهي دنيا به ڀارتي بچاءُ واري وزير جي غير ذميواري واري بيان کي ڏسي رهي آهي چنار وادي جي حالتن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي نيو ڪليئر فليش پوائنٽ بڻائي ڇڏيو آهي واڌي ۾ مسلمانن کي ضبح ڪيو پيو وڃي والاريل ڪشمير ۾ ٽن هفتن کان ڪرفيو لاڳو آهي اسڪول بند پيا آهن والاريل رياست ۾ عوام کي عيد جي نماز ۽ قرباني ڪرڻ نه ڏني ويئي وادي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀ ڄاڻن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *