آمريڪي صدر سان عمران خان جي ملاقات، ٽرمپ پاران ڪشيمر مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ

واشنگٽن (م ڊ) وزيراعظم عمران خان وائيٽ هائوس پهتو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ سندس آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پاڻ ۾ هٿ ملايو، ان موقعي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي صدر ڊونڊلڊ ٽرمپ وزيراعظم عمران خان کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي، آمريڪي صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کي انتهائي خوشگوار ڏسي رهيو آهيان، جنهن کان پوءِ ٻئي ڄڻا اجلاس لاءِ اندر هليا ويا،  ملاقات آرمي چيف به پهرين مرحلي ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ وزيراعظم عمران خان کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي، ٽرمپ چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به چيو هو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مدد ڪيان، مون کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ تي خوشي ٿيندي. جيڪڏهن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آئون ڪجھ ڪري سگھان ٿو ته مون کي آگاهه ڪيو. آمريڪا پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ به ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو، وزيرراعظم عمران خان سان ملاقات دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته افغانستان بابت پاڪستان جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، پاڪستان ماضي ۾ آمريڪا جو احترام نه ڪندو هو پر هاڻي اسان جي ڪافي مدد ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان جي مدد سان افغان جنگ مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳولي رهيو آهي، اسان افغانستان مان پنهني فوج جو انگ گھٽائي رهيا آهيون، افغانستان جي معاملي تي پاڪستان وٽ اها طاقت آهي جيڪا ٻين ملڪن وٽ ناهي. پاڪستان آمريڪا لاءِ تمام گھڻي اهميت رکي ٿو، پاڪستان افغان امن عمل اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جا ماڻهو تمام ڀلا آهن، اتي منهنجا ڪافي دوست آهن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، سندس چوڻ هو ته ايران سان ڳالهيون ڪرڻ مشڪل کان مشڪل تر ٿيندو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان لاءِ آمريڪا تمام گھڻي اهميت رکي ٿو، روس خلاف افغان جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ اسٽيٽ هو، افغان تڪرار جو حل رڳو طالبان سان امن معاهدو آهي. پاڪستان نائين اليون کان پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانين جي قرباني ڏني. افغان تڪرار جو حل رڳو طالبان سدان امن معاهدو آهي، اميد آهي ته اسان ايندڙ ڏينهن ۾ طالبان تي ڳالهيون جاري رکڻ تي زور ڏيڻ جي قابل بڻجي وينداسين. ماضي جي ڀيٽ ۾ افغان مسئلي جي حل لاءِ امن معاهدي جي ويجھو آهيون. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي وائيٽ هائوس اختيارين هڪ ڀيرو ٻيهر ڊومور جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان طرفان ڪيل تعاون ڪافي ناهي وڌيڪ تعاون ڪرڻو پوندو. عالمي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس اختيارين وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا دوري جي حوالي سان بيڪ گرائونڊ بريفنگ ڏيندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ آمهون سامهون ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون ۽ مانجهاندو به ڏنو ويندو.  وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ٽرمپ جي ملاقات جي تياري ۽ ايجنڊا بابت بريفنگ ڏيندي وائيٽ هائوس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيڪيورٽي ميٽنگ ۾ ٽي او آر طئه ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي بحالي جي باري ۾ ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ هو ته آمريڪا سمورين حالتن جو غور سان جائزو وٺي رهيو آهي، پاڪستان سان ٺوس قدمن جا منتظر آهيون ۽ پاڪستان لاءِ بهترين موقعو آهي ته طالبان سان پنهنجن لاڳاپن مان فائدو کڻي افغانستان ۾ امن بحال ڪرائي. آمريڪي اختيارين وڌيڪ چيو ته پاڪستان تي افغان امن عمل ۾ ٺوس ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ  تي دٻاءُ وڌو ويندو ۽ پاڪستان کي هٿياربند تنظيمن بابت پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *