آمريڪي صدر براڪ اوبامه جو وزيراعظم سان ٽيليفون تي رابطو، پشاور واقعي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) امريڪي صدر براڪ اوباما وزير اعظم ميان نواز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪري پشاور سانحي تي دلي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي، اوباما چيو آهي ته ڏُک جي هِن گهڙي ۾ امريڪا پاڪستان سان گڏ آهي. امريڪي صدر براڪ اوباما پشاور ۾ دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 150 جي لڳ ڀڳ شاگردن جي شهادت تي افسوس ۽ ڏُک جو اظهارڪيو.امريڪي صدر براڪ اوباما چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ امريڪي عوام پاڪستان سان گڏ آهي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي نه ٿو وساري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد جاري رکي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *