آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان کي ايف 16 جهاز ڏيڻ خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ رد

واشنگٽن (م.ڊ) آمريڪي سينيٽ پاڪستان کي ويڙهه وارا ايف 16 جهاز ڏيڻ جي خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو.آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبليڪن پارٽي جي سينيٽر رينڊ پال پاڪستان کي ايف 16 جهاز ڏيڻ خلاف ايوان  ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو،جنهن جي ايوان مخالفت ڪئي ۽ سندس ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو.ريپبليڪن پارٽي جي سينيٽر پاران پيش ڪيل ٺهراءُ جي حمايت ۾ 24 جڏهن ته مخالفت ۾ 71 ووٽ وڌا ويا.پاڪتان کي ايف 16 جهاز خريد ڪري ڏيڻ جي خلاف ٺهراءُ رد ٿيڻ تي آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير جليل عباس جيلاني جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي ڀائيواري خطي  جي سلامتي لاءِ ضروري آهي.پاڪستان دهشتگرديءَ جهڙي لعنت کي خاتمي جي لاءِ پُر عزم آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *