آمريڪي رياست ميزوري جي گولف ڪورس ۾ اونهو کڏو پئجي ويو

برينسن(اسپورٽس نيوز):ميزوري جي شهر برينسن ۾ راڪ گولف ڪورس ۾ اوچتو زمين اندر ڏانهن هلي وئي، ۽ تمام گهرو کڏو پئجي ويو. ماهرين جي ٽيم گولف ڪورس جو دورو ڪري کڏو ٿيڻ جي ڪارڻن جو جائزو ورتو. گولف ڪورس انتظاميا مطابق کڏي جي ڀرپاسي سمورا حفاظتي اپاءَ ورتا ويا آهن. رياست ميزوري ۾ کڏي پوڻ جا واقعا غير معامعولي ناهن، اختيارين مطابق ان کان اڳ به رياست جي مختلف علائقن ۾ هزارين کڏا پئجي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *