آمريڪا ۾ هلندڙ اسپيشل اولمپڪس ۾ ملڪي رانديگرن جي ڪاميابين جو سفر جاري

لاس اينجلس (اسپورٽس نيوز) آمريڪا ۾ هلندڙ اسپيشل اولمپڪس ۾ ملڪي رانديگرن جي ڪاميابين جو سفر جاري آهي ۽ هنن هيل تائين ان ايوينٽ ۾ گڏيل طور 15 ٻلا پنهنجي نالي ڪري ورتا هئا. آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ هڪ ڪلوميتر ٽائم ٽرائل سائيڪلنگ ۾ خديجه عرفان ۽ ميمونه حسين، ٽيبل ٽينس سنگلز ۾ محمد ارحم ۽ بيڊمنٽن سنگلز مقابلن ۾ جهان زيب اقبال سون جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو هو. ان کان سواءِ ٽينس ڊبلز ۾ احنس انور ۽ محمد قيوم چاندي جڏهن ته گرلز ٽينس سنگلز ۾ رقيه لطيف ڪنجھي جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو. اهڙيءَ طرح اسپيشل اولمپڪس 2015ع ۾ پاڪستان جا گڏيل طور ٻلن جو انگ 15 ٿي ويو هو، جنهن ۾ 6 سون جا، 4 چاندي ۽ 5 ڪنجھي جا ٻلا شامل آهن. واضح رهي ته لاس اينجلس ۾ هلندڙ اولمپڪس ۾ 27 راندين جي مقابلن ۾ 177 ملڪن جا 7 هزار کان وڌيڪ رانديگر حصو وٺي رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *