آمريڪا کي اڏا نه ڏينداسين، نواز شريف تنقيد ڪئي برداشت ڪيم پر فوج تي برداشت نه ڪندس: آرمي چيف

اسلام آباد (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستاني فوج تي تنقيد برداشت نه ڪنداسين، منهنجي مٿان تنقيد ته نواز شريف ۽ اياز صادق به ڪئي پر برداشت ڪئي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽ جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي آڏو اچي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ بريفنگ کان پوءِ سوالن جا جواب آرمي چيف پاڻ ڏنا، پهريون سوال مشاهد حسين، ٻيون سوال شهباز شريف، ٽيون سوال بلاول ڀٽو زرداري ۽ چوٿون شاهه محمود قريشي ڪيو جڏهن ته سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ وڌيڪ گپ شپ ماني واري ميز تي ٿي، بريفنگ جو مقصدملڪ جي سيڪيورٽي پاليسي جي سياسي اونر شپ وٺڻ هو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ماحول سٺو هو ۽ ڪنهن معاملي تي به تلخي ناهي ٿي جڏهن ته مخالف ڌر ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ برف ڳَرڻ لڳي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف طرفان اسپيڪر آفيس کي باقاعده چيو وي هو ته وزير اعظم اجلاس ۾ نه اچي. بريفنگ دوران عسڪري اختيارين سياسي قيادت کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ خانه جنگي جا خدشا آهن پر پاڪستان، چين، روس، ايران چاهين ٿا ته افغانستان ۾ خانه جنگي يا جغرافيائي ورڇ نه ٿئي، طالبان سان اسان جي ڪا به ويڙهه ناهي ۽ نه ئي ان تي اسان جو ڪو دٻاءُ آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ مقامي فوجي چار مهينن کان پگهار نه ملڻ تي پاڻ طالبان سان ملندا پيا وڃن جڏهن ته افغان طالبان جي فيمليز عرصي کان پاڪستان ۾ آهن، پاڪستان ۾ افغاني پناهه گيرن جا ٻه سئو کان وڌيڪ مدرسا به آهن خانه جنگي ٿي ته پنج کان ست لک افغاني پناهه گير پاڪستان اچي سگهن ٿا پر مهاجرن کي ايران جيان بارڊر جي ڀرسان ڪيمپن ۾ رکيو ويندو جڏهن ته ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان دشمن ماڻهو پناهه گيرن جي سڪل ۾ اچي سگهن ٿا ان ڪري انهن کي روڪڻ ضروري آهي.بريفنگ ۾ عسڪري قيادت چيو ته افغان سر زمين اسان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي، افغانستان ۾ ٽي ٽي پي ۽ بلوچ دهشتگرد تنظيمن جا 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن، داعش جا ٻه کان ٽي هزار ماڻهو شام کان افغانستان منتقل ٿي ويا، داعش جا ماڻهو مختلف بارڊرز تي وڃن پيا، افغانستان ۾ نيٽو جا ست هزار ٻه سئو پنجاهه ۽ پندرهن سئو آمريڪي فوجي موجود آهن، ڇهه ست سئو فوجي آمريڪي سفارتخاني جي حفاظت جي لاءِ موجود رهندا جڏهن ته ڀارت ۽ طالبان جو اڃا تائين سڌو سنئون رابطو ناهي ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران آرمي چيف چيو ته توهان سان گڏ اسان کاڌو کائينداسين، ناشتو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ وٺڻ آهي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اجلاس گهرايون ٿا جنهن تي آرمي چيف چيو ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي، بي شڪ ويڪ اينڊ تي ئي اجلاس رکو.اجلاس ۾ آرمي چيف ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان جي پٽ سان نيشنل  ڊيفنس يونيورسٽي ۾ مليو هوس، ن ليگ اڳواڻ مشاهد هسين چيو ته مخالف ڌر خاص ڪري مسلم ليگ ن تي هٿ هلڪو رکو جنهن تي آرمي چيف کلندي جواب ڏنو ته فواد چوڌري به گڏ ئي بيٺو آهي اوهان سان. ذريعن موجب کاڌي جي ميز تي راڻا ثناءُ الله ۽ راڻا تنوير به اچي ويا ته جنرل باجو چيو ته منهنجي ته زال به راجپوت آهي ۽ منهنجي ننڍي پٽ جي منڱڻي پشتونن ۾ ٿي، ان کان سواءِ پاڪستان جي فوج ۾ 40 سيڪڙو پشتون آهن، اسان سڀني کي گڏ کڻي هلندا آهيون. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي چيف کي چيو ته پي ٽي ايم جي ايم اين اي علي وزرت کي معاف ڪيو جنهن تي آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج جي تنقيد برداشت نه ڪنداسين ان ڪري علي وزير کي به معافي گهرڻي پوندي، مون تي تنقيد ته نواز شريف ۽ اياز صادق به ڪئي پر اسان برداشت ڪئي.  پارليمينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اڏا آمريڪا کي ڏيڻ جو سوال اوهان حڪومت کان ڪيو، بعد ۾ چيو ته اڏا نه ڏينداسين. پارليمينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 8ڪلاڪ اجلاس ٿيو، افغانستان کان آمريڪي فوج جي وڃڻ ۽ صورتحال جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ بريفنگ ڏني ۽ آرمي چيف پارليمينٽ ميمبرن جي سوالن جا جواب به ڏنا، اجلاس ۾ رڳو افغان مسئلي تي ڳالهيون ٿيون، ڪشمير ۽ ملڪ اندروني صورتحال تي ٻيهر سيشن ٿيندو،ذريعن موجب، عسڪري اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته افغان مسئلي تي بلڪل نيوٽرل رهڻ گهرجي، افغانستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ طرفان نه وڃڻ گهرجي، افغان عوام جنهن کي چونڊي، اسان کي اتي گهڙڻ گهرجي، هاڻي افغانستان ۾ خانه جنگي ٿي سگهي ٿي، پارليمان فيصلو ڪري اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، عسڪري اختيارين ٻڌايو ته چين ۽ آمريڪا جي معاملي تي ڪنهن ڪئمپ ۾ نه، اسان نيوٽرل پاليسي تي عملي پيرا آهيون، ماضي ۾ غلطيون ٿيون، افغان تڪرار سبب 5کان 7لک پناهگيرن جي پاڪستان آمد جو امڪان آهي، افغان پناهگيرن کي سرحدي علائقن تائين محدود رکيو وڃي، ڊي جي آءِ ايس آءِ اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي زمين افغانستان ۾ جاري تڪرار ۾ استعمال نه پئي ٿئي، اميد آهي ته افغانستان جي زمين به پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي، اجلاس بعد آرمي چيف کان صحافي سوال ڪيو ته هن ڀيري ڪي اڏا ته نه ڏيندا؟ آرمي چيف سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو اوهان سوال حڪومت کان پڇو، مونکان ڇو پڇي رهيا آهيو، ان بعد ئي آرمي چيف چيو ته اڏا نه ڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *