آمريڪا ڀارت کي فراهم ڪندڙ ايٽمي مادي جي ٽريڪنگ تان هٿ کڻي ويو

نئين دهلي (م.ڊ/اي پي پي) آمريڪي صدر بارڪ اوباما ڀارت جي 3 ڏينهن جي دوري تي دهلي پهچي ويو آهي.صدر بارڪ اوباما پنهنجي خاص صدارتي جهاز ۾ ڀارت پاڪستاني وقت مطابق صبح جو 9.10 منٽن تي دهلي جي پالم ايئر پورٽ تي لٿو. جتي ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي بارڪ اوباما جو استقبال ڪيو. صدر بارڪ اوباما سان گڏ سندس زال مشعل اوباما ۽ هڪ اعليٰ وفد به آيل آهي. هوائي اڏي تان هوٽل تي پهچي ناشتو ڪرڻ بعد صدر بارڪ اوباما پنهنجي وفد سان گڏ ڀارتي صدر پرناب مکرجي سان ملاقات لاءِ ايوان صدر (راشٽر پتي ڀون) پهتو. راشٽر پتي ڀون ۾ صدر پرناب مکرجي بارڪ اوباما جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ۾ آمريڪي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ڀارتي صدر اوباما جو تعارف ڀارتي ڪابينا سان ڪرايو. صدر اوباما جي دوري جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. اٽڪل 85 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن دهلي کي قلعي ۾ تبديڪ ڪري ڇڏيو هو. صدر بارڪ اوباما جي ڀارتي دوري جي موقعي تي هٿيارن جي خريداري سميت سول نيوڪلير ٽيڪنالاجي جي معاهدن جو به امڪان آهي.خطي جي صورتحال تي نظر رکندڙ ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن صدر بارڪ اوباما پنهنجي ڀارتي دوري دوران ڀارت تي زور ڀري ته پاڪستان سان پاڻي ۽ ڪشمير مسئلو حل ڪيو وڃي ته ان جا خطي تي هاڪاري اثر پوندا. صدر بارڪ اوباما ڀارتي يوم جمهوريه جي پريڊ ۾ خاص مهمان طور پڻ شرڪت ڪندو. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجا مطالبا مڃائڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ آمريڪا ڀارت سان ايتمي معاهدي ۾ شامل ايٽمي مادي جي ٽريڪنگ جي قانون تان دستبردار ٿي ويو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق نئين دلي جي حيدرآباد هائوس ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ايٽمي معاهدي جو معاملو غور هيٺ آيو ۽ نريندر مودي بارڪ اوباما کان ايٽمي مادي ۾ ٽريڪنگ ڊيوائيس نه لڳائڻ جو مطالبو ڪيو جنهن کي آمريڪي صدر تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ قبول ڪري ورتو ۽ پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي ايٽمي مادي مان ٽريڪنگ ڊيوائس هٽائڻ تي راضپور ظاهر ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ هاڻ آمريڪا ڀارت کي فراهم ڪيل ايٽمي فيول جي حرڪت جي تفصيل کان لاعلم رهندو. ٻئي طرف آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو آهي ته ڀارت سان واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، سلامتي ڪونسل ۾ ڀارت جي مستقبل ميمبرشپ جي حمايت ڪريون ٿا. ڀارتي وزيراعظم سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ آمريڪا جو جنگي مشن ختم ٿي چڪو آهي، آمريڪا ۽ ڀارت افغانستان جا قابل اعتماد پارٽنر رهندا، ڀارت جي مهمان نوازي تي شڪريو ادا ڪريون ٿا هن جو چوڻ هو ته ڀارت سان دوسي جي نئين دور تي پرعزم آهيون، دفاع سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملي آهي، دفاعي  ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، دنئين سان واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏينداسين، ڪجهه سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارت ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڀارت جمهوري ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي پهرئين آمريڪي صدر هئڻ تي فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *