آمريڪا پاڪستان ڪسٽم کي هوم لينڊ سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ سامان فراهم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) آمريڪا پاڪستان ڪسٽم کي هوم لينڊ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ 80 گاڏيون فراهم ڪري ڇڏيون آمريڪا طرفان سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏنل سامان ۾ 160 بلٽ پروف جيڪٽس، موبائيل ليبارٽريز، ڪيميڪل اسڪينرز ۽ نائيٽ وزن چشما شامل آهن جيڪي آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ايف بي آر جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن آمريڪي سفير جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفج دهشتگردي خلاف جنگ بهادري سان وڙهي رهي آهي ۽ ان دهشتگردي جي خاتمي تائين پاڪستان سان ڀرپور تعاون جاري رهندو، هن جو چوڻ هو ته ان سامان سان ڌماڪيدار مادي کي ناڪاره بڻائن ۽ بارودي سرنگن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *