آمريڪا پاڪستان کي ايف 16 جهازن جي وڪري تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا

واشنگٽن اسلام آباد(اي پي پي/اين اين آءِ) آمريڪا پاڪستان کي ايف 16 جهاز وڪرو ڪرڻ تي ڀارتي اعتراض کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي جهاز ضرور وڪرو ڪرڻ گهرجن جهاز دهشتگردن خلاف مددگار ثابت ٿيندا. ڀارتي اعتراض بنا جواز آهي صحافين کي بريفنگ ڏيندي جان ڪربي چيو ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن لاءِ ويڙهاڪ جهاز لازمي آهي ضرب عضب آپريشنن سبب افغانستان ۾ عسڪريت پسندي گهٽ ٿي وئي آهي آپريشن کانپوءِ افغانستان سميت خطي ۾ امن امان بحال ٿيندو. پاڪستان امريڪا طرفان ايف 16 جهازن جي وڪري تي ڀارتي حڪومت جي بيانن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان ۽ امريڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن. آچر تي ڀارت جي رد عمل تي پنهنجو موقف بيان ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي حڪومت جي رد عمل تي حيران آهيون ڇو ته ان جي فوج دنيا جي وڏين فوجن ۾ شامل آهي ۽ ان جي فضائيه وٽ به خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور جهاز موجود آهن جڏهن ته ڀارت دفاعي اوزارن جو سڀ کان وڏو امپورٽر آهي. ايف 16 جي وڪري جي حوالي سان پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ امريڪا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گهڻو سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ امريڪي ترجمان واضح طور تي چيو هو ته ايف 16 جهازن جي وڪري جو مقصد هدف کي واضح طريقي سان نشانو بڻائڻ جي سگهه وڌائڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *