آمريڪا پاڪستان جي مالي ۽ فوجي امداد روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا پاڪستان سان هر قسم جو سڪيورٽي سهڪار معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن تحت پاڪستان کي فوجي سامان ۽ مالي امداد فراهم نه ڪئي ويندي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بيدر نورٽ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هاڻي نه ته پاڪستان کي فوجي سامان ڏنو ويندو ۽ نه سڪيورٽي جي مد ۾ فنڊ فراهم ڪيو ويندو، انتظاميه پاڪستان جي امداد ۾ ڪٽوتي جو ڪاٿو لڳائي رهي آهي ته ڪيترا ملين ڊالر ڪاٽيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي امداد فيصلائتن قدمن سان بحال ٿي سگهي ٿي ۽ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن پاڪستان حقاني نيٽ ورڪ ۽ افغان طالبان خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪندو. سندس چوڻ هو ته دهشتگرد گروپ جي خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري رهيا آهن ۽ افغانستان ۾ اسان جي اتحادين تي حملن ۾ ملوث آهن. ٻئي طرف پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ پنهنجي وسيلن سان وڙهي آهي. پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڳري رقم پنهنجي وسيلن تي خرچ ڪئي ۽ گذريل 15 سالن ۾ پاڪستان جا 120 ارب ڊالر خرچ ٿيا، اڳتي لاءِ به خطي ۾ امن ۽ پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪ آمريڪا اتحاد حقيقت ۾ آمريڪي سلامتي جا مقصد پورا ڪندو آهي،  پاڪ آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي جي سهڪار جو فائدو سڀ کان وڌيڪ آمريڪا ۽ عالمي برادري کي ٿيو، سيڪيورٽي معاملن تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون ۽ ان معاملي تي آمريڪي اتنظاميا جي جواب ۽ تفصيل جو انتظار آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *