آمريڪا يا ڀارت جي خواهش تي ڪنهن به تنظيم تي پابندي نه لڳائي ويندي:چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته آمريڪا يا ڀارت جي خواهش تي ڪنهن به تنظيم تي پابندي نه لڳائي ويندي، فوجي آپريشن کانپوءِ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. قومي اسيمبلي جَي اجلاس دوران ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ملڪ 13 ورهين کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي. گهرو وزير چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده نون ليگ سرڪار نيڪ نيتي سان دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيون، جيڪي دهشتگردن جي غيرسنجيدگي سبب ڪامياب نه ٿي سگهيون. چوڌري نثار چيو ته دهشتگرديءَ جَي خاتمي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ڪم ڪري رهيا آهن پر ضرب عضب آپريشن کانپوءِ دهشتگردي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي.وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن جي قيادت پرڏيهه فرار ٿي چڪي آهي، پر ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ آخري دهشتگردي جي موجودگي تائين آپريشن جاري رکڻو پوندو. فوجي عدالتن بابت ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته دهشتگردي جا 20 ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، جن مان 12 تي ڪارروائي به شروع ٿي چڪي آهي. هـُن چيو ته موبائل سمن جي تصديق سان نه صرف جعلي سڃاڻپ ڪارڊن ۽ بنا نالن وارين سمن جي نشاندهي ٿي آهي پر ان سان ڪيترائي ٻيا معاملا به سامهون آيا آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته موبائل سمن جي تصديق سان دهشتگردن جا وڏا هٿيار پاڻمرادو ختم ٿي ويندا. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن 177 تنظيمن تي پابندي مڙهي آهي، جن ۾ 10 پاڪستان طرفان ڪالعدم قرار ڏنل تنظيمون به شامل آهن. چوڌري نثار چيو ته پاڪستاني قانون موجب 60 تنظيمن تي پابندي مڙهي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت يا آمريڪا جي خواهش تي ڪنهن به تنظيم کي ڪالعدم قرار نه ڏنو ويندو. هـُن چيو ته گذريل 13 ورهين دوران ڪيترين ئي تنظيمن تي پابنديون مڙهيون ويون پر انهن مان ڪجهه تنظيمن نالا بدلائي پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون. وفاقي گهرو وزير چيو ته نالا بدلائي ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ تنظيمن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ايندڙ ڪجهه هفتن دوران ڄاڻايل تنظيمن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. هٿيارن جي نمائش بابت چوڌري نثار جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سڪيورٽي ادارن کانسواءِ ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش ڪرڻ نه ڏني ويندي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪارروايون به ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال روڪڻ وفاق جو نه پر صوبائي سرڪار جي ذميواري آهي. چوڌري نثار چيو ته لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال ڪرڻ تي سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 265 ڪيس داخل ٿيا آهن، جڏهن ته 2 هزار 65 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *