آمريڪا ملا فضل الله کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن(م.ڊ) آمريڪا، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه مــُلا فضل الله کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب آمريڪا مــُلا فضل الله جو نالو عالمي دهشتگردن جي فهرست  شامل ڪري ڇڏيو. ملا فضل الله کي عالمي دهشتگرد قرار ڏيڻ بعد هاڻي ڪو به آمريڪي شهري تحريڪ طالبان جي سربراهه سان ڪنهن به قسم جي لين دين نه ٿا ڪري سگهن جڏهن ته آمريڪا ۾ ملا فضل الله جا سمورا اثاثا منجمند ڪيا ويندا. واضح رهي ته 2013 ۾ حڪيم الله محسود جي مارجڻ کانپوءِ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه مــُلا فضل الله کي چونڊيو ويو هو. سورنهن ڊسمبر 2014 تي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ملا فضل الله جي سربراهي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان حملو ڪيو هو جنهن ۾ 134 ٻارن سميت 144 ماڻهو شهيد ٿيا هئا جنهن بعد آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جــِي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر افغانستان جو هنگامي دورو ڪري افغان اختيارين کي ملا فضل الله خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *