آمريڪا سلامتي ۽ خودمختياري جو احترام ڪري، قوم کي قربانيءَ جو ٻڪر ٿيڻ نه ڏينداسين: پاڪستان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستاني قوم کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين، آمريڪا کي پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي، سفيرن جي ڪانفرنس ۾ خطي جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ سفيرن جي ڪانفرنس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته سندن سڀ کان پهرين ترجيح پاڪستان کي دهشتگرديءَ کان محفوظ ڪرڻ آهي. هن چيو ته دنيا قبول ڪري يا نه اسان دهشتگرديءَ خلاف جنگ کٽي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو 20 ڪروڙ عوام دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪاميابيءَ جي شاهدي ڏئي رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته سفيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي تنهن کي نظر ۾ رکندي ڀارت سان لاڳاپن تي غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي بقا داءُ تي لڳل آهي تنهن ڪري اسان کان بهتر ڪو به اها جنگي وڙي نه ٿو سگهي.  سندس چوڻ هو ته اڄ هو چين وڃي رهيو آهي، ٻن ٽن ڏينهن اندر ايران جو دورو به ڪندس. خواجه آصف چيو ته ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي اجاگر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کان اڳ دوست ملڪن جو دورو به ڪندس. سندس چوڻ هو ته ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سان به سندس ملاقات طئي ٿيل آهي. پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو ته آمريڪا سان گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته  وزيراعظم به نئين پيرا ڊيم تي زور ڀريو آهي. سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ محتاط نموني سان چوندس ته اسان نيون پيرا ڊيم آڻينداسين. خواجه آصف چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا ختم نه ڪري رهيا آهيون، معاملن کي ملڪي مفادن جي نظر سان ڏسنداسين. هن چيو ته آمريڪا سميت ڪنهن به ملڪ سان لاڳاپن کي گڏيل احترام جي بنياد تي ڏسڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جو احترام ڪري، پاڪستاني قوم کي قرباني جون ٻڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين.  خواجه آصف چيو ته واشنگٽن ۾ ويٺل ماڻهن کي پاڪستان ۽ خطي جي حقيقي صورتحال جو اندازو ناهي. هن چيو ته اڳوڻي سفير عبدالباسط جو هاڻي ڪنهن به اداري سان تعلق ناهي، اڳوڻن سفيرن کي ذاتي شڪايتون آهن پر سندن طريقو درست ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *