آمريڪا سان دوستي، ان سان دشمني کان وڌيڪ هاڃيڪار آهي: سراج الحق

پشاور(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ آمريڪا،اسرائيل ۽ ڀارت ملوث آهن،جڏهن ته آمريڪا سان دشمني ايتري هاڃيڪار ناهي،جيتري ان سان دوستي هاڃيڪار آهي. پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان جي غدار حڪمرانن جي ڪري ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، حڪمرانن جا ڪتا پلاءُ کائين ٿا،جڏهن ته عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ سڪي ٿو،ملڪ ۾ سون جا جبل آهن پر افسوس آهي ته انهن تي چور ويٺل آهن،انهن چورن کي پڪڙي سنڌو درياءَ ۾ ٻوڙڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي غلام حڪمرانن جي ڪري نوجوان پنهنجا گڙدا وڪڻڻ تي مجبور آهن پر جماعت اسلامي نوجوانن کي مايوسي مان ڪڍندي،الله موقعو ڏنو ته پوري ملڪ ۾ مفت تعليم عام ڪنداسين،جيڪا حڪومت پنهنجي ملڪ جي ٻارن کي مفت تعليم نه ڏئي سگهي،انهن حڪمران کي حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو به حق ناهي،نوجوان اسان جو ايندڙ وقت ۽ اثاثو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *