آمريڪا افغانستان ۾ ناڪامين جي ذميواري پاڪستان تي وجهي رهيو آهي: عمران خان

بني گالا( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته  آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪام پاليسيءَ جي ذميواري پاڪستان تي وجهي رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستاني حڪومت لاءِ هڪ سبق آهي، ڪڏهن به ڊالرن لاءِ ٻين جي جنگ نه وڙهڻ گهرجي، الزامن جي نئين قسط سان پاڪستان کي نه وساريندڙ سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته پاڪستان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته ڊالرن عيوض پرائي جنگ کي ڪڏهن به پنهنجي اڱڻ تائين نه آڻڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير ۾ ڪرکڻندڙ مزاحمت پاڻ ڀارت جي ناڪام فوجي حڪمت عمليءَ جو نتيجو آهي پر ڀارت ڪشمير ۾ پنهنجي ناڪاميءَ جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏئي رهيو آهي. عمران خان چيو ته  آمريڪا به ناڪامين جو بار پاڪستان تي وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڏهاڪن کان ناڪام افغان پاليسي حقيقت ۾ آمريڪي مايوسي جو سبب آهي. هن چيو ته  اسان آمريڪا جي خواهش تي افغانستان ۾ 2 جنگيون وڙهيون ۽ 70 هزار ماڻهن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اهو ئي موقعي آهي ته پاڪستان آمريڪا کي جواب ڏي ته هاڻي ڪڏهن به نه. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته گذريل دورن ۾ پختونخواهه ۾ ٻه سئو ارب رپين جا وڻ وڍيا ويا، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، عمران خان چيو ته بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو ته ماڻهن وڏي مذاق اڏائي، هن چيو ته دهشتگردي سان سڀني کان وڌيڪ متاثر صوبو خيبر پختونخواهه هيو، حڪومتن جون ترجيحون ايندڙ نسل ناهن رهيا پر ايندڙ چونڊون هونديون آهن، اسان ڪڏهن سوچيو ئي ناهي ته اسان کي ماحوليات جو تحفظ ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *