آمريڪا افغانستان مسئلي تي تحريڪ انصاف جو موقف قبوليو: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڄ ٽياڪڙي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،  افغانستان جي مسئلي تي آمريڪا تحريڪ انصاف جو موقف قبولي رهيو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد سان ملاقات ٿي جنهن ۾ افغان امن عمل تي ڳالهيون ٿيون آهن، خوشي آهي ته 15 سالن کان اسان جيڪو چئي رهيا آهيون ته افغان مسئلي جو حل فوجي ناهي پر هاڻي آمريڪا به قبول ڪري ٿو آمريڪا تحريڪ انصاف جي موقف کي قبول ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ امن ۽ افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ لاءِ اسان جي همدردي چاهي ٿو، پاڪستان اڄ ٽياڪڙي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،  مان هميشه سمجهندو هيس ته ڊو مور بدران اسان جو ڪردار ٽياڪڙي جو هئڻ گهرجي ته جيئن اسان امن لاءِ ڪردار ادا ڪيون پر اسان کي اهڙي نموني ٽريٽ ڪيو ويو ته ڪنهن ٻئي جي جنگ وڙهڻ لاءِ امداد ڏني پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن ٻئي جي جنگ جي جنگ جو حصيدار ٿيڻ بدران اسان جو اصل ڪردار ٽياڪڙي ڪرائڻ آهي، اسان يمن ۾ امن عمل اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي، ايران ۽ سعودي عرب کان ان حوالي سان ڳالهيون ڪيون، ايراني پرڏيهي وزير اسان کي يمن جنگ  ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو.  وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرتارپور راهداري کي ڀارت بدقسمتي سان سياسي فائدي جو رنگ ڏنو آهي، معاملي تي حڪومت پورو زور ڀريو، اهو اسان جو فرض آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪنهن جا مذهبي هنڌ آهن ته سندن مدد ڪرڻ گهرجي، اسان ڪي نيون شيون نه ڪري رهيا آهيون اهو اسان جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته ڪرتارپور معاملي تي سک برادري جيڪو رد عمل ڏيکاريو تنهن تي خوشي آهي، جهڙي نموني اسان لاءِ مدينو آهي سکن لاءِ ڪرتاپور، اميد ڪيون ٿا ته ڀارت عمل به رد عمل ڏيندو.  معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مشڪل حالتن ۾ معاشي ٽيم پرفارم ڪيو جنهن جو کيس اسپيشل ڪريڊٽ ڏيڻ چاهيان ٿو، واپار، ناڻي ۽ منصوبابندي خراب حالتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته مخالف خراب حالتن جي اڳڪٿي ڪن ٿا، جيڪڏهن خراب حالتون هجن ها ته سيڙپڪاري ڪئين اچي ها، اڄ سوزوڪي، ڪوڪ، پيپسي ۽ ايگزون ملين ڊالر سيڙپڪاري جو فيصلو ڪيو آهي، فونٽين وارا ٽيڪنالوجي ٽرانسفارمر ڪرڻ لاءِ اسڪول کوليندا ۽ اسان جي ماڻهن کي تربيت ڏيندا، سمورين شين جو ڪريڊٽ اسان جي معاشي ٽيم کي وڃي ٿو، مشڪل حالتن ۾ اسان اهڙو ماحول ٺاهيو جو ماڻهو سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن، سيڙپڪاري سان ئي ملڪ مٿي ويندو آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *