آمراڻي دور جا ظلم اسان جو رستو نه روڪي سگهيا، هنن ڪٺپتلي حڪمرانن جي انتقام جي ڪائي حيثيت نه آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) جي يو آئي (ف)جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمراڻي دور جا ظلم اسان جو رستونه روڪي سگهيا. هنن ڪٺپتلي حڪمرانن جي انتقام جي ڪائي حيثيت نه آهي اڱاري تي جي يو آءِ اڳواڻ موسيٰ خان جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مولانا فضلالرحمان پارٽي اڳواڻ کي آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني. مولانا فضل الرحمان چيو ته ايترا ته نااهل آهن جو انتقام جي نالي تي انڌا ٿي چڪا ويجهن دوستن تي ڪوڙا الزام نااهل حڪمرانن تي داغ آهن. هن چيوته انتقامي ڪارروائين جي سامهون نه اڳ جهڪياسين نه جهڪنداسين ڪوڙا ڪيس ۽ جيل اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *