
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) آل ڪراچي سيد نوابشاهه ميموريل فٽبال ٽورنامينٽ جو شاندار آغاز، ڪمشنر شاهه فيصل ولي پاران افتتاح ڪيو ويو ، افتتاحي ميچ ۾ نيشنل بينڪ ۽ ميزبان اسامه اسپورٽس هڪٻئي جي مقابلي ۾ برتري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، مقابلو برابري تي ختم ٿيو جڏهن ته ڪمشنر ولي محمد بلوچ جو چوڻ هيو ته منفي سرگرمين جي خاتمي لاءِ راندين جي ميدانن کي آباد ۽ ضلعي ڪورنگي کي صحت مند سرگرمين جو مرڪز بڻايو ويندو