آفتاب احمد ڪيس ۾ 4 رينجرز اهلڪار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪو آرڊينيٽر آفتاب احمد قتل ڪيس ۾ مبينا تشدد ۾ ملوث رينجرز اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ رينجرز ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته آفتاب احمد قتل ڪيس ۾ سنڌ رينجرز جا چار اهلڪار گرفتار ڪيا ويا آهن. مبينا تشدد ۾ ملوث اهلڪارن کي رينجرز گرفتار ڪيو. چئني اهلڪارن جي گرفتاري جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪئي وئي آهي. رينجرز اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي سامهون آئي آهي واقعو افسوس جوڳو آهي، جنهن جي وڌيڪ جاچ ٿيندي. رينجرز ذريعن جو چوڻ آهي ته ضرورت پوڻ تي رينجرز اهلڪارن جو وڌيڪ رمانڊ به ورتو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *