آغا سراج دارني جي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني اڄ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀري ۽ نيلوفر طوفان جي خير عافيت سان لنگهي وڃڻ جي دعا گهري هن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي تڪرار کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ جي به صلاح ڏني تنهن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي چيمبر اندر ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اميد ظاهر ڪئي ته نيلوفر طوفان خير خيريت سان گذري ويندو، هن چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا بند نه ٿيندا آهن تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون وري شروع ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *