آصف علي زرداري 27 ڊسمبر تي پاڪستان ايندو: پيپلزپارٽي اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي اعلان ڪيوآهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري کي ڏيهه واپسي تي نه ڪير روڪي سگهيو آهي ۽ نه ڪير روڪيندو، هو 27 ڊسمبر تي پاڪستان واپس اچي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان قائره هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي آهي، ان موقعي تي آصف علي زرداري ڏيهه اچي رهيو آهي، هو نئون ديرو ۾ ورسي جي مرڪزي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، آصف علي زرداري ڏيهه ورڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *