آصف علي زرداري پاران پيپلز پارٽي جا سمورا معاملا پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪيرائڻ جو خطرو محسوس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سياسي رابطا تيز ڪرڻ ۽ پارٽي معاملا پاڻ سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو آهي خابرو اداري مطابق آصف زرداري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ لڪيل قوتن جي سرگرم ٿيڻ، اڳوڻي صدر پرويز مشرف سان اهم سياسي اڳواڻن جي رابطن ۽ ملاقاتن سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي اندر ڪجهه ميمبرن ۽ اڳواڻن جي ناراضگي جو فوري طور نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي مشرف لاءِ ٻلو لفظ استعمال ڪرڻ وڏي فورس جو مقابلو ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل انداز م اعلان هو، آصف زرداري پارٽي فيصلن ۽ صوبائي حڪومت جا معاملا به پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ۽ بلاول کي فرنٽ سيٽ کان بيڪ سيٽ  تي کڻي وڃڻ جو فيصلو ويجهن دوستن سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو زرداري قوم جو زرداري بڻجڻ جو فيصلو به مخصوص گروهن کي خاص پيغام ڏيڻ لاءِ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *