آصف علي زرداري پاران سنڌ حڪومت کي ٿرايرڊ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر) اڳوڻي پاڪستان جي صدر ۽ پ پ پ جي صدر جناب آصف علي زرداري وزير اعليٰ سنڌ جي اقليتي معاملن بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ سان ملاقات ڪئي ۽ کاتي جي ڪارڪردگي ۽ اقليتي برادري جي ڀلائي لاءِ کينل قدمن  متعلق بريفنگ ڏني. ان موقعي تي هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر جناب آصف علي زرداري کي درخواست ڪئي ته ٿرپارڪر جي نوجوانن کي معياري هنري ۽ جديد تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ کان علاوه ايگريڪلچر، لائيواسٽاڪ ۽ جنگلات جي شعبن ۾ ريسرچ لاءِ ٿر ايرڊ يونيورسٽي (Thar Arid university ) قائم ڪئي وڃي ، جنهن تي آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي ان سلسلي ۾ فوري عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اڳوڻي پاڪستان جي صدر ٿرپارڪر ۾ سولر ذريعي هلندڙ ڪاٽيج انڊسٽري کي قائم ڪرڻ  جي پڻ هدايت ڪئي، ته جيئن مقامي ماڻهن کي روزگار جا بهتر موقعا ميسر ڪري سگهجن. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 9 سالن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي ترقي لاءِ خاص مراعات ۽ فنڊ جاري ڪيا آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ اقليتي برادري لاءِ هلندڙ منصوبن بابت ٻڌايو ته اقليتي معاملن واري کاتي تحت ضرورتمندن، مستحق ، بزرگن، معزورن ۽ بيواهن کي طبي امداد ۽ مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ذهين ۽ ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ تي تعليمي اسڪالرشپس به فراهم ڪيو پيون وڃن. ان کان علاوه اقليتي برادري جي عبادتگاهن جي تعمير ۽ انهن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪيترائي منصوبا مڪمل ٿيڻ وارا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *