آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته جنگ شروع ٿيندي:خورشيد شاهه جو چتاءُ

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته بندوق جي زور تي ڪجهه ناهي ٿيندو، آصف علي زرداري خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته جنگ شروع ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه پ پ اڳواڻن جي گرفتارين تي چڙي پيو ۽ چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي رڳو سنڌ ۾ ئي ٿئي پيو. پ پ اڳواڻ چيوته ڊاڪٽر عاصم حسين کي گرفتار ڪرڻ کان جاچ ڪرڻ گهـُرجي ها، مهذب معاشرن وارو سلوڪ هئڻ گهرجي. هن چيو ته راجا پرويز اشرف تي به گِريَ ٽريفڪنگ ڪيس ٺاهيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته مسلم ليگ نواز کي سمجهڻ گهرجي ته سياسي جماعتون ئي انهن جون ٻانهون آهن، اسان پنهنجي ئي انتشار ۾ ڦاٿل آهيون، بندوق جي زور تي ڪجهه ناهي ٿيندو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي پارليامينٽ کي ڪمزور نه ٿي ڪرڻ چاهي، پارليامينٽ اندر رهجي جبر جو مقابلو ڪيو ويندو، گرفتاريون بند ٿيڻ گهـُرجن. اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته حڪومت کي ايترو ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي معاملي تي پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تي هٿ وڌو ويو ته جنگ جي شروعات ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *