آصف علي زرداري جي تازي تقرير اسان جي ڊيڊ لائين آهي: قمرالزمان ڪائره

سکر (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارتي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته وزير اعظم بنا وقت وڃائڻ جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان مسلمانن جي رهنمائي ڪري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تازي تقرير اسان جي ڊيڊ لائين آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه طرفان ساڌ ٻيلي ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  مسلمان ملڪن ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ضروري آهن ۽ سمورين قوتن سان رابطا ڪري اسان کي مفاهمت واروڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ واري اجلاس ۾ حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪندي. سعودي عرب سان ويجها لاڳاپا آهن جيڪڏهن اتي مقدس هنڌن کي ڪو خطرو ٿيو ته ان جو دفاع ڪنداسين، ڀٽو ۽ بينظير جي مفاهمت جي فلسفي جي ضرورت آهي، آصف علي زرداري به تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي. جيڪڏهن اسان  چونڊن جا نتيجا قبول نه ڪيون ها ته جمهوريت کي نقصان رسي ها، پر اسان ملڪ ۽ قوم خاطري نتيجن کي قبول ڪيو.  هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن ۾ پيپلزپارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *