آصف علي زرداري جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ نه وٺڻ بابت ڪا ڳالهه ناهي ڪئي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته آصف علي زرداري، جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ نه وٺڻ بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته آصف علي زرداري، جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ نه وٺڻ بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. هڪ انٽرويو ۾ مولابخش چانڊئي چيو ته آصف زرداري جي بيان جي حوالي سان غير ضروري ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي پ پ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي، پر اهو ساڀيان نه ٿيندو. هن چيو ته پ پ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سياسي موت مري ويا. مولابخش چانڊئي چيو ته هنن هميشه احتساب جي حمايت ڪئي آهي، پر ن ليگ وارا سيف الرحمان وارو احتساب ڪندا آهن. صوبائي صلاحڪار چيو ته نيب جڏهن سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ته ادارو مقدس هو پر پنجاب ۾ ڪارروائي جو اشارو ملڻ تي وڏيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته پيپلز پارٽي مضبوط آهي ۽ مضبوط رهندي، مخالفن کي ناڪاري پروپيگنڊا مان ڪجهه به نه ورندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *