آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ڪرپٽ مافيا جا بادشاهه آهن، قوم اين آر او ٿيڻ نه ڏيندي: عمران خان

سيوهڻ (اين اين آءِ) پاڪستان تهريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان چيو ته هن دفعي پهريون ڀيرو پ پ پ کي سنڌ مان شڪست ٿيندي، مونکي بهانون بڻائي لعل شهباز  قلندر جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان روڪيو ويو، سنڌ ۾ ڪنهن قسم جي آزادي ناهي ماڻهن کي غلام بڻايو ويو آهي سنڌ جو عوام زرداري ۽ فريال ٽالپر کان تنگ آهي. هن دفعي قوم ڪنهن اين  آر او کي تسليم نه ڪندي  جيڪڏهن هن دفعي ڪو اين آر او آيو ته پوري قوم کي مان ٻاهر ڪڍندس، اسان ڪنهن به صورت ۾  هاڻي ڊيل نه ٿيڻ ڌينداسين ، ۽ ڪنهن قسم جو اين آر او تسليم نه ڪنداسين. حديبيا پيپر مل جو ڪيس اوپن آهي ۽ اسان جو مطالبو آهي ته سپريم ڪورٽ انکي فوري طور تي لڳايو وڃي. سومر تي  هن ميڊيا سان ڳالهائندي عمران خان چيو ته اسانجي جلسي ۾ ماڻهون هلي اچن ٿا اسان جي جلسن ۾ ماڻهن کي زبردستي نه پيو  آندو وڃي. مونکي لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڏيڻي هئي ڪنهن مزار تي حاضري ڏيڻ جي لاءِ ڇا اجازت وٺڻي پوندي آهي، هتي ڪنهن قسم جي آزادي ناهي ماڻهن کي غلام بڻآيو ويو آهي، عمران خان چيو ته ڪنهن صوبي جي شايد ئي ايتري خراب صورتحال هجي جيتري سنڌ جي آهي. شهباز قلندر جي مزار تي حاضري کان  روڪڻ جي لاءِ بهانون بڻآيو ويو ته گارڊ گڏ آهن، جڏهن ته ٽي وي فوٽيج ڏسو، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪابه آزادي ناهي ماڻهون غلام آهن، انتقامي ڪاروائي جي لاءِ پوليس کي استعمال ڪري ماڻهن تي تشدد ڪيو  ٿو وڃي، سنڌ جي پوليس جيڪڏهن غير جانبدار ٿي وڃي ته هتي پ پ پ هڪ سيٽ به نه ٿي کٽي سگھي  ۽ سنڌ مان ووٽ وٺي دبئي ۾ لانچن جي ذريعي ٻاهر پيسو  اماڻيون ويندو هو، هن دفعي پهريون دفعو  پ پ  پ کي سنڌ ۾ شڪست ٿيندي هن چيو ته پ پ پ پنهنجي مرضي اسان ادارن جا سربراهه رکيا اهن، عدليا آزاد آهي جنهن مان عوام کي اميد آهي، سنڌ جي پوليس ۽ زرداري ۽ فريال ٽالپر جا غلط ڪم بچا.ئڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي، وفاق ۾ ادارا سنڌ ۾ پوليس  وانگر استعمال ٿين ٿا.  پر امن احتجاج تي منهنجي خلاف دهشتگردي جي خلاف الزام مڙهيو ويو ، جمهوريت ۾ احتجاج ڪرڻ منهنجو حق آهي ، 300 ارب ٻاهر کڻي ويندڙ نااهل شخص جو احتساب ٿي رهيو آهي. عوام جي جان ۽ مال جي حفاطت ڪرڻ رياست جو ڪم آهي، حڪومت هڪ مجرم سان بيهي رهي آهي. هي هن جو ڪم ناهي . عمران خان چيو ته نااهل شخص کي بچائڻ جي بدران جلدي چونڊون بهتر آهي، پاڪستان جو ناڻون چوري ٿيو . مشرف تيڪيس معاف ڪرڻجو حق نه هيو، مشرف ٻه ارب وڪيلن تي خرچ ڪيا پوءِ اين آر او ڏئي ڇڏيو، هن دفعي اين آر او ڏنو ويو ته پوري پاڪستان ۾عوام کي ٻاهررستن تي ڪڍندس، جيڪڏهن مان جلدي چونڊن جو چيئ رهيو آهيان ته ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪهڙو هٿ آهي . ملڪ جو وزيراعظم ڪرپٽ ماڻهون سان مليل آهي، صاف اليڪشن ڪرڻ هڪ جمهوري طريقو آهي. ايم ڪيو ايم جي بچاءَ جو طريقو ايم ڪيو ايم جي باني کان مڪمل  عليحدگي آهي، ملڪ  کي  ورهائڻ جي  ڳالهه ڪندڙ کي اليڪشن جي ڳالهه نه ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *