آصف زرداري ۽ الطاف حسين جي نوراڪشتي ۾ نواز شريف به شامل آهي، سنڌ ۾ پ پ جو مستقبل اونڌاهون پيو ڏسان: عمران خان

ڏهرڪي (رپورٽر) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو ضلعي گهوٽڪي جي دوري گهوٽڪي ضلعي جي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي، پيپلز پارٽي ۽ مهر گروپ کان ناراض اهم شخصيتن تحريڪ انصاف ۾ جلد شموليت جو امڪان، سنڌ ۾ اچڻ تي عوام جو جذبو ڏسي ڪري وڏو افسوس ٿيو ته مان سنڌ ۾ اچڻ ۾ دير ڇو ڪئي مونکي سنڌ ۾ پهرين اچڻو هيو، سنڌ جي عوام تبديلي جو نعرو هڻي ثابت ڪيو ته هو هاڻ تبديل چاهن ٿا، (تحريڪ انصاف عمران خان)، پيپلز پارٽي هاڻي شهيد ڀٽو جي پارٽي نه رهي آهي هاڻي ڪرپٽ ۽ لٽيرن جي پارٽي بڻجي ويئي آهي، پيپلز پارٽي ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي جڳهه آهي، پيپلز پارٽي پراڻي ساٿين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي به نه ڌي ٻڌي وڃي پيپلز پارٽي تي هڪ ڪرپٽ ٽولي جي حڪمراني آهي، گهوٽڪي اين اي 200 تي ڌانڌلي سان کٽي آيل منهنجو مخالف علي گوهر مهر جي جلد وڪٽ ڪرڻ واري آهي، سپريم ڪورٽ مان انصاف جي توقع رکان ٿو، خبر موجب گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لنڊ گروپ جي سربراهه ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير سردار خالد احمد خان لنڊ پاران ناشتي جي دعوت خالده آباد پهتو جتي هزارين ماڻهن   ڪري عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو، جنهن بعد سردار خالد احمد خان لنڊ تحريڪ انصاف اڳواڻن ۽ گهوٽڪي ضلعي جي اهم شخصتين پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو، تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻي صدر نادر اڪمل لغاري، لنڊ برادري جي سردار فياض خان لنڊ، ميان منظور احمد قادري، ميان شفيق احمد، ميان رفيق احمد، ڪاڪو خان شر، پريل خان رهڙ، فنڪشنل ليگ اڳواڻ مير بابر خان لنڊ، شهباز خان لنڊ، سردار خان لنڊ، خليل احمد سومرو سميت اهم سياسي اڳواڻن عمران خان بند ڪمري ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته زرداري ۽ الطاف جي نوراڪشتي ۾ نواز به شامل آهي، سنڌ ۾ پ پ جو مستقبل اونڌاهون ڏسي رهيو آهيان، آصف زرداري ۽ الطاف حسين پنهنجي مفادن لاءِ سنڌ جي عوام کي ورهائي ڇڏيو، ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ سنڌ واسي غلامن واري زندگي گهاري رهيا آهن، هن چيو ته تبديلي جي ضرورت سنڌ کي آهي، کيس هاڻي احساس ٿيو آهي ته سنڌ جو دورو اڳ ڪرڻ گهرجي ها، هن چيو ته گذريل پنجن سالن ۾ سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي تي 900 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر اهي ڪم مونکي نظر نه ٿا اچن، پيپلز پارٽي سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي عوام احساس ٿي ويو آهي ته هاڻي هو تبديلي چاهن ٿا، 19 سالن کان سنڌ جا دورا ڪري رهيو آهيان سنڌ جي ماڻهن ۾ بهتري اچڻ بجاءِ غربت جي ور چڙهي ويا آهن، هن چيو ته سنڌ جي ٻن پارٽين پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جا چيئرمين جي ٻاهر ويهي سياست ڪري رهيا آهن جيڪي وڏا ڪرپٽ آهن ۽ ٻنهي تي مني لانڊرنگ جا ڪيس داخل آهن، ٻنهي پارٽي جي ٽاپ ليڊر شپ تي ڪرپشن جا ڪيس داخل آهن، جيڪي جمهوريت جو راڳ الاپي رهيا آهن انهن صرف پنهنجي مفاد لاءِ ڪم ڪيو آهي، عمران خان وڌيڪ چيو ته اليڪشن نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي جيستائين اليڪشن نظام بهتر نه ٿيندو تيستائين ملڪ ۾ بهترين جمهوريت نه ايندي، سنڌ جي ماڻهن کي انصاف جي سخت ضرورت آهي، عام سنڌي ماڻهو وٽ حقوق ناهي، سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو، سنڌ کي بجلي نه ٿي ملي، هاڻ سنڌ جي عوام کي حق ملڻ کپن، تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچي سنڌ جي عوام کي حق وٺي ڏيندي، اسان سنڌ کي اهي حق وٺي ڏينداسون جيڪي سنڌ جي پارٽين به سنڌ کي نه ڏنا هوندا، عمران خان وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ رينجرز جي ڪاروائين بعد ڪرپشن، ٽارڪلنگ، اغوا براءِ تاوان جي وارداتن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هن ملڪ ۾ مضبوط احتساب بيورو جي ضرورت آهي جيڪڏهن غيرجانبدار احتساب بيورو نه جوڙيو ويو ته ڪرپٽ نظام ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري پنهنجي دور ۾ نواز شريف جا ڪرپشن ڪيس نه کوليا، جڏهن نواز شريف جي حڪومت آئي ته هن زرداري خلاف ڪرپشن جا ڪيس کوليا نواز شريف اهو ڪيو آهي جيڪو هو 90ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيو هو، جنهن تي زرداري واويلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ 60 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿي ۽ ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو به سنڌ مان ملي ٿو، ان باوجود صوبي جا ماڻهو غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن، هتان جا آبادگار ۽ جانور هڪ جهڙي زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. عمران خان چيو ته  خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊون ڪرائي اختيار عوام کي منتقل ڪيا آهن ۽ اتان جي پوليس کي غير سياسي بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ماڻهو به ڪي پي ڪي جي تبديلي کي ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جو چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ ٻه ايڊيشنل آءِ جيز ڪرپشن ڪيس ۾ضمانت تي آهن، رينجرز ڪرپشن خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، رينجرز جي ڪاررواين بعد ئي امن قائم ٿيو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته الطاف حسين ۽ آصف علي زرداري سنڌ جي ماڻهن کي سنڌي ۽ مهاجر جي نالي تي ورهايو ويو آهي، ڪراچي کي ڌار صوبو نٿو ٺاهي سگهي، عوام کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ گهرجن، تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پوليس سياسي بڻيل آهي، هتان جي پوليس کان سياسي دٻاءَ تحت ڪجهه به ڪرائي سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پيپلزپارٽي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان آصف علي زرداري پهچايو، پارٽي کي ايترو نقصان آمر به نه ڏنو هوندو، جيترو آصف علي زرداري پهچايو آهي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو باشعور آهن اهي تبديلي لاءِ ترسي رهيا آهن تحريڪ انصاف جلد سنڌ ۾ تبديلي آڻيندي ۽ سنڌ ماڻ ڪرپشن خاتمو آڻيندي، ٻي طرف هن کان اڳ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو جي رهائشگاهه تي پهچي سندس وڏي ڀاءُ ميان اڇل جي وفات تي تعزيت ڪئي، هن موقعي هن ميان عبدالحق عرف ميان مٺو تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي دعوت ڏني، هوڏانهن لنڊ گروپ سربراهه خالد احمد لنڊ خالد آباد ۾ چيو ته پيپلز پارٽي هن وقت ڪرپٽ ماڻهو جو قبضو آهي جنهن جي ڪري مايوسي ٿي آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ باضابطه شموليت جو اعلان پنهجي اتحادين، دوستن جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اهم شخصيت اڳوڻي ايم اين اي سميت ايم پي اي ۽ 20 کان مٿي اڳواڻا تعلقه ناظم ۽ يوسي ناظم نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ اعلان ڪيو ويندو، هن چيو ته منهنجا ڪجهه ويجها دوست ملڪ کان ٻاهر آهن انهن جي اچڻ بعد گهوٽڪي ضلعي ۾ تاريخي جلسو ڪوٺائي جنهن ۾ عمران خان به شامل هوندو جنهن ۾ اسان باضابطه طور تي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪنداسون، هن چيو ته عمران خان جيڪا مون مان اميد رکي آهي انشاءَ الله هن کان به وڌيڪ ضلع گهوٽڪي ۾ تحريڪ انصاف مضبوط ڪيو ويندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي هاڻي شهيد ڀٽو جي پارٽي نه رهي آهي هاڻي ڪرپٽ ۽ لٽيرن جي پارٽي بڻجي ويئي آهي، پيپلز پارٽي ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي جڳهه آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي پراڻي ساٿين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي به نه ڌي ٻڌي وڃي ته عام وڪرڪن جي ڪٿان ٻڌي ويندي، پيپلز پارٽي تي هڪ ڪرپٽ ٽولي جي حڪمراني آهي، گهوٽڪي اين اي 200 تي ڌانڌلي سان کٽي آيل منهنجو مخالف علي گوهر مهر جي جلد وڪٽ ڪرڻ واري آهي، سپريم ڪورٽ مان انصاف جي توقع رکان ٿو، ٻي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين نور آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ضلعي گهوٽڪي جي آرگنائيزر ۽ اڳوڻي سنڌ جي صوبائي نائب صدر مير افتخار لنڊ طرفان عمران خان جي شان ۾ هڪ وڏو جلسو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ لنڊ برادري ۽ تحريڪ انصاف جي هزارين ماڻهڻ جلسي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عمران خان جلسي ۾ پهتل هزارين ماڻهن جو شڪريه ادا ڪيو ۽ چيو ته جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهو ثابت ڪيو ته اهي تبديلي چاهن ٿا ۽ تبديلي جا تبل وڄي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *