آصف زرداري کي قتل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هڻندي چيو آهي ته حڪومت آصف زرداري کي طبي سهولتون فراهم نه ڪري کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ڪا سزا نه ٿي، عمران ان پنهنجي مخالفن کي بنا سزا جي قيد ڪري رکيو آهي، نيازي فاشسٽ آهي، جيڪو ميڊيا ۽ جمهوريت تي حملو ڪري رهيو آهي، نيازي مخالف عورتن کي به گرفتار ڪري رهيو آهي، اها عمران جي ڀُل آهي، کيس اندازو ناهي ته پ پ هر آمر سان ويڙهه ڪئي. هن چيو ته اسان اهو سڀ ماضي ۾ به ڏٺو آهي، آصف زرداري جي صحت جي حوالي سان ڊاڪٽرن جي تجويز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، حڪومت آصف زرداري کي ميڊيڪل سهولتون نه ڏئي ۽ پنهنجي ئي ڊاڪٽرن جون تجويزون نه مڃي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان معاملي تي اسان عدالت ۾ وينداسين، جيڪڏهن ڊاڪٽرن جي تجويزن تي عمل نٿو ئي ۽ جيڪي ماڻهو انهن تي عمل نٿا ٿيڻ ڏين، جيڪڏهن آصف زرداري جي صحت کي ڪجهه به ٿيو ته اهي ئي نامزد ماڻهو ڏوهاري هوندا. سندس چوڻ هو ته فريال ٽالپر اسپتال ۾ موجود هئي، کيس رات جي وقت غير قانوني طريقي سان جيل موڪليو ويو، هاڻ ان جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه پيا ڪيا وڃن، نيازي نه رڳو سياسي مخالفن کي نشانو بڻائي رهيو آهي پر عورتون به سندس نشاني تي آهن، اسان جي ثقافت ۽ دين اسان کي عورتون جو احترام سيکاري ٿو، عمران خان چادر ۽ چارديواري کي به پائمال ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران نيازي پنهنجي سياسي مخالفن سان اهڙيون حرڪتون ڪري سوچي رهيون آهي ته هو اسان کي ٽوڙيندو پر اها ان جي ڀُل آهي، اسان هن ملڪ کي نسل ڏنا آهن، هن ڪٺ پتلي جي دٻاءَ سان پوئتي نه هٽنداسين، هر فورم تي نيازي کي بي نقاب ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته ماضي ۾ سڀ ڪجهه برداشت ڪري چڪا آهيون پر جيڪو ظلم اهي عوام سان ڪري رهيا آهن اهو برداشت نه ڪنداسين، هر سطح تي انهن سان وڙهنداسين، انهن جو هر نعرو ۽ هر واعدو ڪوڙو آهي، هر ڳالهه تي يوٽرن ورتو ويو آهي، مخالفن کي جيل ۾ رکي هو سمجهن ٿا ته ڪرپشن جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اهي عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا آهن، سڀ ڪجهه هڪ تماشو آهي، عوام جي کيسن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، عوام جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مان خاموش نٿو ويهي سگهان، ڪٺ پتلي سليڪٽڊ وزيراعظم عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، پ پ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي، جدوجهد جاري رکنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *