
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽس جي پهرين ريفرنس ۾ باقاعده نامزد ڪيو ويو آهي. نيب بورڊ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بورڊ جعلي اڪائونٽس جي پهرين ڪيس ۾ آصف زرداري خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب جو چوڻ آهي ته آصف زرداري پارڪ لين ڪيس ۾ گرفتار آهي. نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو ته بدعنواني ملڪ ترقي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، ڪرپشن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ سندن پهرين ترجيح آهي.