آصف زرداري سکر لڳ بجلي پئدا ڪندڙ 2 منصوبن جو بنياد رکي ڇڏيو

سکر(بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سکر  لڳ روهڙي ۽ نارا ڪئنال تي پاڻي مان بجلي پئدا ڪندڙ 84 ملين ڊالر جي لاڳت سان ٻن وڏن اهم منصوبن جي پيڙه جو پٿررکيو. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته روهڙي ۽ نارا ڪئنال تي جڙندڙ اهي اهم منصوبا بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وڏا ڪارآمد ثابت ٿيندا جن سان نه رڳو علائقي جي ماڻهن کي بجلي جي سهولت مهيا ٿيندي پر سنڌ کي معاشي ترقي حاصل ٿيندي، آصف علي زرداري سکر لڳ روهڙي ڪئنال جي آر ڊي 15 تي 36.4 ملين ڊالر سان تعمير ٿيندڙ 9 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪندڙ منصوبي ۽ نارا ڪئنال جي آر ڊي 26 تي 47.7 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعميرٿيندڙ 15 ميگا واٽ بجلي پئدا ڪندڙ منصوبي جي پيڙه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي سابق صدر آصف علي زرداريءَ سان سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاه ۽ بختاور ڀٽو زرداري پڻ گڏ هئا. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڳالهائيندي چيو ته هنن ٻن هائيڊرو پاور پراجيڪٽس کان علاوه اهڙا ٻيا منصوبا به لڳايا ويندا، ان سا گڏ گڊو بئراج تي به 40 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو لڳايو ويندو. هن چيو ته سکر بئراج جو به اسٽرڪچر تبديل ڪرڻ کانسواءِ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ هڻڻ لاءِ به اسٽڊي ڪئي وڃي ته جيئن سکر بئراج تي به بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو لڳائي بجليءَ جي بحران تي ضابطو آڻي سگھجي ۽ هنن ٻن منصوبن کي مقرر ڪيل ٽائيم 2 سال 6 مهينن جي اندر مڪمل ڪيو وڃي. ان کان اڳ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي ڪنسلٽنٽ خورشيد احمد جماليءَ سابق صدر کي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صوبائي وزير خزانه ۽ انرجي سيد مراد علي شاه، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد ناصر حسين شاه ۽ ٻين اعلي آفيسرن کان علاوه پ پ پ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *