آصف زرداري ريفرنس ڪيس: سمورو رڪارڊ اڄ هر حال ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

راولپنڊي (م.ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خلاف غيرقانوني ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ عدالتي رڪارڊ مان 300 صفحا گم ٿي ويا، جنهن تي جج سخت ڪاوڙ ڏيکاري آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف غيرقانوني ملڪيت ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي راولپنڊي جي عدالت نمبر هڪ جي جج خالد رانجها جي اڳواڻي ۾ ٿي، ان موقعي تي هڪ عورت شاهد به موجود هئي پر ٻڌڻي دوران جڏهن عدالتي رڪارڊ ڏٺو ويو ته ان مان 300 صفحا گم هئا، جنهن تي جج خالد رانجها سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته سڄو گم ٿيل رڪارڊ منظرعام تي آندو وڃي، اهڙي حڪم کانپوءِ عدالتي عملي رڪارڊ جي ٻن ڪلاڪن تائين ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ عدالت ۾ ڪاغذڻ جا ڍڳ لڳائي ڇڏيا، عدالتي عملي جي چستي کانپوءِ به گم ٿيل صفحا نه ملڻ تي جج خالد رانجها ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين روڪيندي حڪم ڏنو ته گم ٿيل رڪارڊ هر حال ۾ اڄ تائين عدالت جي سامهون پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عدالتي عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،عدالت عورت شاهد کي به سڀاڻي تائين جا سمن جاري ڪندي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ گهرائي ورتو، ٻئي پاسي آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ عدالتي اڱڻ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس اصيل خلاف ڪيس 2001ع ۾ داخل ٿيو ۽ تڏهوڪي جاچ آفيسر اهو رڪارڊ جوڙيو هو، هن چيو ته ڪيس جو سڄو رڪارڊ عدالت وٽ هو، جيڪو عدالت ۾ ئي جمع ڪرايو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *