آصف زرداري ذريعي ذوالفقار مرزا جَي حڪم تي 3 قتل ڪرايا: جي آئي ٽي رپورٽ ۾ نثار مورائي جو اعتراف

ڪراچي (م.ڊ) فشريز ڪوآپريٽر سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي مبينا جي آءِ ٽي رپورٽ سامهون اچي وئي. نثار مورائي جو جي آءِ ٽي آڏو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن ته آصف زرداري ذريعي ذوالفقار مرزا جَي حڪم تي 3 قتل ڪرايا. رپورٽ موجب نثار مورائي اعتراف ڪيو ته آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جَي چوڻ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 41

 تي اڳوڻَي وفاقي سيڪريٽري عالم بلوچ کي حيدرآباد ۾ قتل ڪرايو، اسٽيل ملز جَي اڳوڻي چيئرمين سجاد حسين جَي قتل جو ٽاسڪ به آصف زرداري ذوالفقار مرزا کي ڏنو هو، مبينا رپورٽ موجب نثار مورائي انڪشاف ڪيو ته فريال ٽالپر جِي سفارش تي چيئرمين فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي مقرر ٿيس، 2014 کان 2015 تائين فشريز ڪوآپريٽو سوسائٽي جَي سيڪريٽري اظهر بلوچ کي 7 ڪروڙ رپيا ڀتو ڏنو، 50 لک رپيا فريال ٽالپر ڏانهن ويندا هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *