آصف زرداري دورا ڪندو آهي ته عمران خان کي دورا پئجي ويندا آهن: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مان نٿو ٻڌائڻ چاهيان، عمران خان چهري مان ڇا لڳندو آهي، هن چيو ته آصف زرداري جيئن جيئن دورا ڪندو آهي، عمران خان کي دورا پئجي ويندا آهن، مخالف 5 سال گاريون ڏيندا رهيا، عمران خان ڪجهه ڏينهن کان ويران آهي، مولا بخش چانڊيو چيو ته عرمان خان جي شادي ٿي ته بلاول ذاتي زندگي تي ڳالهه ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏيو، مخالف 5 سال گاريون ڏيندا رهيا، آصف زرداري کلندو رهيو، هن چيو ته خان صاحب اوهان اڀري نه الهي رهيا آهيو، عمران خان آئيني ۽ جمهوري ادارن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *