آصف زرداري جي سنڌ سرڪار کي امن امان جي بحالي لاءِ وفاق سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس جمعي تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، وزير بلديات ۽ اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري سنڌ، آئي جي پوليس ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ صوبي جي امن امان ۽ صوبي جي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران ورتل اپائن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي صوبي ۾ ”ڪائونٽر ٽيرريزم فورس“ (دهشتگردي جي تڪڙي خاتمي لاءِ فورس) جو قيام آڻي ۽ گڏوگڏ دهشتگردي خلاف ويمن فورس جو قيام به عمل ۾ آندو وڃي. هن هدايتون ڏنيون ته صوبي ۾ امن جي قيام کي هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي ۽ امن جي قيام جي سلسلي ۾ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. آصف علي زرداري اها به هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت ۽ امن امان جي بحالي جي وفاقي ادارن سان گڏجي دهشتگردي جو هميشه هميشه لاءِ خاتمو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي هن صوبي ۾ پوليس، رينجرز ۽ امن امان جي بحالي وارن ادارن جي خدمتن کي به ساراهيو ۽ وڏي وزير کي هدايتون ڏنيون ته صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ سنڌ حڪومت، پوليس رينجرز ۽ ٻين امن امان جي بحهالي وارن ادارن سان مڪمل رابطو رکي ۽ اهڙي طرح وفاقي ادارن سان به سمورن معاملن کي شيئر ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ صوبي ۾ لائوڊ اسپيڪر جي غيرقانوني استعمال ۽ مسواڙ تي گهر حاصل ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ فوري طور تي قانون سازي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عورت فورسز سان گڏوگڏ دهشتگردي خلاف ويمن فورس جي قيام جي حوالي سان به تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ جلد ئي ان فورس جو قيام عمل ۾ آندو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *