آصف زرداري جو چئن مهينن ۾ نالو ختم ٿي ويندو، سندس خلاف اٿي بيهڻ تي بدين جو پاڻي بند ڪيو ويو: ذوالفقار مرزا

کوسڪي (م.ڊ) جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا چيو آهي ته آصف زرداري جو چئن مهينن ۾ نالو ختم ٿي ويندو، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڦورن ۽ لُٽيرن جو احتساب ٿي رهيو آهي. کوسڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته بدين جي ماڻهن سان گڏجي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف اُٿي بيٺو هئس، اُن ڪري بدين جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ سڀ کان وڌيڪ منهنجو پاڻي بند ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته چئن مهينن ۾ آصف زرداري جو نالو ختم ٿي ويندو، سلام پيش ڪريان ٿو وزيراعظم عمران خان کي، جيڪو پنجاهه سالن کان ڦرلٽ ڪندڙ چورن ۽ ڌاڙيلن کي نٿو بچائي. هُن چيو ته پهريون ڀيرو حقدار کي پنهنجو حق ملي رهيو آهي، چورن ۽ ڌاڙيلن جو پهريون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *