آصف زرداري جو الطاف حسين سان رابطو، جمهوريت جي بقا خاطر لاڳاپا قائم رکڻ تي اتفاق

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين وچ ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، الطاف حسين آصف زرداري کي پنهنجي رهائشگاهه سميت ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس نائين زيرو تي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي گهر تي رينجرز جا ڇاپا، ڀڃ ڊاهه ، ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جو گرفتاريون ۽ رينجرز اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ڪارڪن وقاص شاهه جي شهادت کان آگاهه ڪيو، الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم قيام امن لاءِ ڪوشان آهي، اڄ ان جي مرڪز تي جهڙي طرح ڇاپو هنيو ويو آهي، جهڙي طرح عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، آصف زرداري نائين زيرو تي رينجرز جي آفيس تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته سياسي جماعتن جي آفيسن جي تقدس جو خيالن رکڻ گهرجي، آصف علي زرداري الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هر قسم جي حالتن ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ لاڳاپن کي قائم رکنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *