آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف پ پ جو اسپيڪر آفيسر ٻاهران ڌرڻو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تي پيپلز پارٽ جي اسيمبلي ميمبرن اسپيڪر آفيسر جي ٻاهران ڌرڻو هڻي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي ميمبرن ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي ايوان ۾ وڃڻ کان روڪيو. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان حڪومت جي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان دوران بلاول ڀٽو زرداري، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه ۽ شيري رحمان سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا. خيال رهي ته قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن جو آغاز اڄ منجهد 4 وڳي ٿيڻو هو پر پيپلز پارٽي جي ميمبرن جي احتجاج جي ڪري دير جو شڪار ٿي ويو، پر بعد ۾ اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿي پر ميمبرن طرفان شور شرابي جي ڪري اجلاس سڀاڻي (سومر) تائين ملتوي ڪيو ويو هو. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن راجا پرويز اشرف ۽ خورشيد شاهه به ملاقات ڪئي هئي. پر پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي رويي کان مايوس ٿي هئي ۽ پ پ پ اڳواڻن کي آصف زرداري جي پروڊڪشن آرڊر جاري بابت مثبت جواب نه ملي سگهيو هو. ذريعن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي طرفان اسپيڪر کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي پر آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر اڄ به جاري نه ٿيڻ جا امڪان ناهن. جنهن کان پوءِ پارليامينٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳالهين وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جو اسپيڪر قومي اسيمبلي جي سامهون ڀرپور احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ذريعن موجب اجلاس ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ واري حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو هو، ڳالهين واري اجلاس ۾ خورشيد شاهه، شيري رحمان ۽ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. پ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جو وزير اعظم پارليامينٽ جي تقدس کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته پارليامينٽ ته اسپيڪر جي هٿ ۾ ناهي، اسپيڪر ته کليل نموني دٻاءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته اهڙي صورتحال پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهيان، چوڌري امير حسين به ايترو ڪمزور اسپيڪر نه هيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسپيڪر تي وزير اعظم جو دٻاءُ آهي، وزير اعظم تي ڪنهن جو دٻاءُ آهي ڪجهه چئي نٿا سگهون. هوڏانهن شيري رحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت رولز موجود آهن، آصف زرداري جي پروڊڪشن آرڊرن بابت قانون واري وزارت کان راءِ گهرڻ جو چيو پيو وڃي. هن چيو ته آصف زرداري جي پروڊڪشن بابت قانون واري وزارت کان راءِ وٺڻ جي ضرورت ئي ناهي، ان حوالي سان رول 90 موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *