آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي، سنڌ حڪومت جا معاملا جزوي طور تي هلائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي آصف زرداري پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جا معاملا جزوي طور هلائڻ جي اجازت ڏني آهي ان ڏس ۾ بلاول هائوس ذريعن ٻڌايو ته آصف علي زرداري بلاول ڀٽو زرداري کي پارٽي معاملا جزوي طور تي هلائڻ تي راضي ٿي ويو آهي بلاول ڀٽو زرداري مڪمل نه پر ڪجهه فيصلا ڪري سگهي جڏهن ته بلاول کي پنهنجي طور تي ڪنهن کي پارٽي مان ڪڍڻ يا شامل ڪرڻ جا اختيار ناهن ڏنا ويا ان کان اڳ آصف زرداري چيو هو ته سندس پٽ کي سياسي بالغ نظري لاءِ ڪجهه وقت گهرجي هن بلاول کي پارٽي جي واڳ سنڀالڻ لاءِ مناسب وقت جو انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هو آصف زرداري جي هڪ ويجهي ساٿي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آصف زرداري بلاول کي پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جا معاملا هلائڻ جو مينڊيٽ ڏيئي چڪو آهي گذريل هڪ هفتي ۾ پارٽي چيئرمين سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي ميمبرن ۽ پنجاب جي اڳواڻن سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *