آصف زرداري آخرڪار پيپلز پارٽي جو زوال آڻي ڏيکاريو: ممتاز ڀٽو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سردار ممتاز علي خان ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اها ڪهڙي مصروفيت هئي جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي جو چيئرمين ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پڳدار پٽ سندس ورسي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو به نه پهتو، ايتري ئي هي اهميت رکندڙ اهو به سوال آهي ته پنجاب جيڪو پيپلز پارٽي جي قوت ۽ شهريت جو مرڪز هيو اتان به ورڪرن جا قافلا هن ورسيءَ ۾ شامل نه ٿيا ۽ ٿورو عرصو اڳ زرداري کي پنجاب مان ڀڄائي ڪڍيو هيو. ان کان سواءِ ورسي واري شام جو نئون ديرو ۾ پيپلن جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۽ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو هيو پر ڪوبه شريڪ ڪونه ٿيو مطلب ته پيپلز پارٽي جو زوال آخرڪار زرداري آڻي ڏيکاريو ۽ هاڻ باقي وڃي جيڪي پير، وڏيرا، چچڙ، ڄئران ۽ درٻاري زرداري جي چئوگرد بچيا آهن. انهن به هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو آهي ته ڪڏهن ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪوئن وانگر ڇڏي ڀڄجي پر احتساب وارن کي اکيون پٽڻ گهرجن ته جيئن اڳ وانگر سرڪاري خزاني جي لٽ ڦر کان پوءِ سڀ مجرم ڀڄي جان نه ڇڏائن ۽ انهن کي ڪنڌ ۾ گوگهو وجھي نيون ٺهندڙ فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن انهن سالن کان وٺي عوام کي عذابن کان سواءِ ڪجھه ڪونه ڏنو آهي ان جي کين سزا ملي ۽ لٽيل عوامي دولت واپس ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *