آصف زرداريءَ پٽڪو ٻڌي ڇڏيو هاڻي جيل وڃڻ وارو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته آصف زرداري پٽڪو ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو جيل وڃڻ لاءِ تيار آهي. اسلام آباد ۾ ريلوي واري وزير شيخ رشيد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري پٽڪو ٻڌي ڇڏيو لڳي رهيو آهي ته هاڻ هو جيل وڃڻ وارو آهي، ڌاڙيلن هن ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچايو، ملازمن لاءِ بهتر منصوبا شروع ڪري رهيا آهيون، صحت ۽ تعليم جا منصوبا به غور هيٺ آهن، ايم ايل 2 ۽ 3 جو به افتتاح ڪيو ويندو، هڪ ڏينهن ۾ 9 ڪروڙ 70 لک جي تاريخي آمدني ٿي ۽ الله تعاليٰ کان مدد گهري آهي منافعي ۾ 10 اربن جو اضافو ڪندو. شيخ رشيد چيو ته ڀاڙا وڌايا آهن، ان تي 30 ڏينهن کانپوءِ ريويو ڪري سگهون ٿا، ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ جو ڪارڻ درآمدي اگهه وڌيڪ هئڻ آهي، گرين لائن ۾ هڪ ڪوچ وڌائي رهيا آهيون، بلوچستان کان ڪراچي لاءِ دوستي ريل گاڏيون شروع ڪيون آهن، ڪوشش ڪنداسين ته ناله لئي تي ٽريڪ وڇايو وڃي. شيخ رشيد چيو ته ريلوي جي ترقي جو مهينو ڊسمبر کان شروع ٿيندو، ريل جي ڀاڙن جو اضافو رڳو 40 ٽرينن تائين محدود آهي، 25 ڊسمبر کان فريٽ ريل گاڏيون شروع ڪري رهيا آهيون، ريلوي آبادي جي 65 حصن مان گذرندي آهي ۽ پاڪستان ريلوي ۾ روسي ۽ ڪورين پڻ دلچسپي وٺي رهيا آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *