آصف زرداري، شهباز شريف ۽ فضل الرحمان گهر آيا، تمام گهڻيون ڳالهيون ٿيون: چوڌري شجاعت

اسلام آباد (م.ڊ) قاف ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ خاص ڪري لاهور ۾ سياسي ماحول ٺهيل آهي، هر پارٽي جا اڳواڻ مختلف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي پارٽين جو موقف ٻڌائي رهيا آهن، چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ شهباز شريف ملاقات لاءِ اسان جي گهر آيا، جنهن ۾ سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، هن چيو ته ملاقاتن ۾ 22، 22 ، 25، 25 سال پراڻن واقعن، ايستائين جو نواز شريف جي حوالي سان سان به وڏي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، هنن ملاقاتن ۾ ڪجهه تجويزن تي به غور ڪيو ويو جن جو ذڪر هن موقعي تي ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو، چوڌري شجاعت حسين چيو ته رڳو سياسي ملاقاتڻ مصروف رهياسين ته غريب سياستدانن تي ڀروسو ڪرڻ به ڇڏي ڏيندا، چوڌري شجاعت حسين چيو ته معاشي حالتون بهتر نه ٿيون ۽ بيروزگاري جو مسئلو حل نه ٿيو ته سمورن سياستدانن جي سياست ختم ٿي ويندي، جيڪي اسان جي خدمت ڪندا آهن انهن جا مسئلا به ٻڌڻ گهرجن، معاشي حالتن کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *