آصف زرداري، بلاول ڀٽو جو لاهور دوري سان ن ليگ وارا پريشان آھن : اعتزاز احسن

لاهور (اين اين آءِ) پ پ جي سينئر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته حڪمران پارٽي جي ماڻهن جي روين ۾ بدنيتي آهي، هڪ طرف مختلف منصوبن ۾ اربين رپين جي بچت جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف اربين رپيا ناڪام منصوبن ۾ لڳايا پيا وڃن. مهانگائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌڻ بابت مرڪزي بئنڪ جي تازي رپورٽ حڪمرانن جا پول کولي ڇڏيا آهن هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو کانپوءِ آصف علي زرداري جي لاهور دوري سان ن ليگ وارن جي پريشانين ۾ اضافو چٽو نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي وزير پنهنجن بيانن سان به ان جو اظهار ڪري رهيا آهن. پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کان اڳ حڪمران پارٽي جي ماڻهن جو رويو  درست ناهي، هن چيو ته پ پ جي قيادت جلد پنجاب ۾ جلسا ڪندي موجوده حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جا نوان طريقا ڳوليا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *