
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا پريانڪا چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته آسڪر ايوارڊ جي تقريب جي موقعي تي گهڻو دٻاءُ محسوس ڪري رهي هيس ۽ گهڻي پريشاني به ٿي رهي هئي.هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته اڇي رنگ وارو ويس پائڻ منهنجي خواهش هئي ۽ مان انهيءِ ڳالهه جي ڪري پريشان هيس ته انهيءِ ويس جي واکاڻ ڪئي ويندي يا نه پر ان وقت گهڻي خوشي ٿي جڏهن منهنجي ويس جي تعريف ڪئي وئي.